قومي ترانو

قومي ترانو: پاڪستان جو قومي ترانو، مشهور شاعر ابوالاثر حفيظ جالنڌريءَ لکيو ۽ سنڌي موسيقار احمد جي. چاڳلا اُن جي طرز ترتيب ڏني. سڄي تراني جو تاڃي پيٽو فارسي لفظن تي آهي ۽ ان ۾ اردوءَ جو صرف هڪ لفظ ’ڪا‘ استعمال ڪيو ويو آهي. پورو ترانو پڙهڻ ۾ هڪ منٽ ۽ 25 سيڪنڊ لڳن ٿا. هن جي طرز مرتب ڪرڻ ۾ 21 ساز استعمال ڪيا ويا آهن. ريڊيي پاڪستان تان پهريون ڀيرو پاڪستان جو ترانو آگسٽ 1954ع تي نشرِ ڪيو ويو. پاڪستاني تراني جا ٻول هن ريت آهن: پاڪ سـرزميـن شـاد بـاد، ڪِشورِ حسين شاد باد تو نشانِ عزمِ عاليشان، اَرضِ پـَاڪـسـتـــان مرڪزِ يقيـن شـاد باد پاڪ سرزمين ڪا نظام، قُـوتِ اخــُوتِ عـوام قـوم، مُـلـڪ، سـلطنت، پـائنــده تـابنــده بــاد شــاد بــاد مَنزلِِ مُراد پرچمِ ستارهء و هلال، رهبرِ ترقي و ڪمال ترجمانِ ماضي شانِ حال، جَــــانِ اســتـقـبــــال سايهءِ خداءِ ذوالجلال جنهن هارمونيئم تي احمد جي. چاڳلا، پاڪستان جي قومي تراني جي ڌُن ترتيب ڏني هئي، اُهو هارمونيئم انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشوري جي ميوزيم ۾ رکيل آهي.


لفظ قومي ترانوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو